بانسري نواز

بانسري نواز

استاد سلامت حسين بانسري نواز

استاد سلامت حسين (بانسري نواز): ناميارو بانسري نواز، سلامت حسين، 10 آڪٽوبر 1937ع ڌاري ڀارت جي رامپور رياست ۾ پيدا ٿيو. سندس والد فوجي عملدار هو، جنھن جو راڳ ۽ ساز سان ڪو واسطو نه هو. سلامت حسين جو ننڍپڻ کان وٺي موسيقيءَ ڏانھن لاڙو هو. هن بانسري وڄائڻ جي سکيا مشھور ڪلارنيٽ نواز استاد گجن خان کان حاصل ڪئي. ان عرصي ۾ ورهاڱي جي ڪري، سلامت حسين جا وڏا ڪراچيءَ لڏي آيا ۽ اهڙيءَ ريت هن وڌيڪ سکيا ڪراچيءَ ۾ استاد حامد علي خان سارنگي نواز کان ورتي. سلامت حسين موسيقيءَ جا ڪجهه سبق ڪرانا گهراڻي جي بزرگ استاد شڪور خان کان به ورتا. هن ننڍي کنڊ جي عظيم بانسري نواز پنا لال گهوش کي پنھنجو روحاني استاد ڪري تسليم ڪيو. استاد سلامت حسين پنھنجي فني سفر جي شروعات، 1952ع ۾ ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ کان ڪئي، کيس شروع ۾ استاد امراؤ بندو خان سارنگي نواز ريڊيو تي متعارف ڪرايو، جنھن کانپوءِ هن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي به پرفارم ڪيو. اهڙيءَ ريت سلامت حسين جي بانسريءَ جي هاڪ سڄي ملڪ ۾ پکڙجي وئي ۽ کيس پاڪستان جي هر ريڊيو توڙي ٽي. وي اسٽيشن تي دعوت ڏئي گهرايو ويندو هو. استاد سلامت حسين 1960ع کان وٺي پاڪستان فلم انڊسٽريءَ ۾ به ڪم ڪيو. خواجه خورشيد انور جي موسيقيءَ ۾ رليز ٿيل جڳ مشھور فلم ’هير رانجها‘ ۾ نورجھان جي سمورن سپرهٽ گانن ۾ استاد سلامت حسين بانسري وڄائي آهي. سندس فني خدمتن عيوض حڪومت پاڪستان کيس ’صدارتي اوارڊ براءِ حسن ڪارڪردگي‘ ڏنو. کيس ٻيا به ڪيترا اوارڊ ۽ اعزاز ملي چڪا آهن. استاد سلامت حسين، هن وقت پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس جي ڪراچيءَ واري شاخ ۾، موسيقار جون ذميواريون نڀائي رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو